شهمير خان ڀنگوار

شهمير خان ڀنگوار: نامور شاگرد اڳواڻ خان ڀنگوار'>شهمير خان ڀنگوار جو جنم 3 نومبر 1940ع تي ڳوٺ فيض محمد ڀنگوار، تعلقي نوابشاهه ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ٿيو. هن بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه ۽ ايل. ايل. بي لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. 63-1962ع ۾ نوابشاهه اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وجهي صدر مقرر ٿيو. ڄام ساقي، يوسف لغاري ۽ ٻين دوستن سان گڏجي اي. اين. ايس. ايف جو بنياد وڌائين ۽ سنڌي شاگردن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ سندس ڪردار نهايت ڪارائتو رهيو. هن ون يونٽ جي خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. جنهن سبب ڪيترائي ڀيرا جيل جون عقوبتون برداشت ڪيائين. ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ دؤران سرگرميءَ سبب ڪوڙا کاڌائين. نوابشاهه جو هيءُ واحد شاگرد اڳواڻ هو، جنهن ايوبي دؤر ۾ آمريت خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪيترائي مظاهرا ڪرايا. هيءُ قاضي خالق، قاضي فيض محمد، رشيد شاهه جي ويجهن ساٿين مان هو. هيءُ 1970ع تائين شاگرد تحريڪ ۾ رهيو، جنهن بعد ترقي پسند پارٽيءَ سان سلهاڙجي ويو پر ڪجهه عرصي بعد پ پ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. جنهن جو ضلعي نوابشاهه جو رابطا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. خان ڀنگوار'>شهمير خان ڀنگوار پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن جي سماجي خدمتن ۾ ڪوشان آهي ۽ نوابشاهه ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شهمير خان ڀنگوارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.11.03  عيسوي

نامور شاگرد اڳواڻ شهمير خان ڀنگوار جو جنم 3 نومبر 1940ع تي ڳوٺ فيض محمد ڀنگوار، تعلقي نوابشاهه ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر خير بخش خان لغاري
بيربل
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
شيخ عبدالعزيز قنڌاري
پرسو ڀڳت
شوپنهار آرٿر
نارائڻ جگن ناٿ وئديه
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
ڏگوغريب الله
سوامي گنگارام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون